جهول (شهر)

جهول (شهر)

جهول (شهر)

جهول (شهر): جهول، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جو هڪ مشهور شهر ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ هن ريت آهي: جهول جي اولهه ۾ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڀپور جو تاريخي ماڳ، اتر ۾ ڳجهيرڻ ۽ سارڪي ڪنڊي ديهون آهن. اتر اوڀر ڪنڊ تي گهنڊڻ جو شهر آهي. اوڀر طرف حر تحريڪ جي حوالي سان برصغير جو مشهور تاريخي ماڳ ’گڙنگ بنگلو‘ واقع آهي. جهول جي ڏکڻ ۾ ديهه ڪوٽ بجر آهي، جتي سنڌ جي تاريخ جا ٻه اهم يادگار بجرڪوٽ جو ڪچو قلعو ۽ ڏيپري گهانگهري جو ٺل موجود آهن. جهول جي اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي برهمڻ ۽ عرب دور جي شهرن برهمڻ آباد ۽ منصوره جا آثار موجود آهن.
جهول شهر جي وچ ۾ مشهور بزرگ حاجي قادر بخش ڪنڊي فقير ڀنڀري جي درگاهه آهي. اتر طرف جُمن جَتي ۽ سيد راڄن شاهه جون مزارون آهن. اوڀر طرف سيد نانگي شاهه جو قبرستان ۽ مزار آهي. جهول شهر ۾ 1912ع ڌاري شروع ڪيل راجا واري ريلوي لائين، ميرپورخاص کان نوابشاهه تائين ۽ اتان کان خيرپور رياست تائين وڇائي وئي هئي ۽ هتي اسٽيشن قائم ٿي هئي. 1952ع کان جهول ۾ ٽپال گهر، تار گهر، تپيدارن جو ديرو ۽ ڍڪ جون سهولتون هيون، جيڪي اڄ نه رهيون آهن. جهول شهر ۾ سنڌ جي پهرين ڪاٽن فيڪٽري 1932ع ڌاري قائم ٿي. ان کانسواءِ ٻين فيڪٽرين ۾ ڪوهسار ڪاٽن فيڪٽري، ماڊرن فلور مل، حسن ڪاٽن فيڪٽري وغيره شامل آهن. هتي گورنمينٽ گرلز، بوائز هاءِ اسڪول، اردو سنڌي پرائمري اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر جون سهولتون موجود آهن. هن شهر ۾ مير الله بخش ٽالپر لائبرري به قائم آهي، جيڪا سنڌي ادبي سنگت جهول جي ملڪيت آهي. ويجهڙائيءَ ۾ جهول شهر کي گيس ۽ جديد ڊجيٽل ٽيليفون ايڪسچينج جي سهولت به ميسر ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن: اُستاد الهورايو ’اُداسي‘ بهڻ، معصوم سانگهڙائي (مرحوم)، بخشڻ مهراڻوي، فقير صابر، نور چاڪراڻي، محمد مبين وساڻ ۽ عامر وساڻ جو تعلق به جهول سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو